بچل شاهه جيلاني

بچل شاهه جيلاني: گمبٽ ويجهو سچل ڊٻ مهر شاهه جو گادي نشين ۽ پ.پ ايم. پي. اي، 17 ڊسمبر 1952ع تي سيد صالح محمد شاهه جيلانيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. بچل شاهه جيلاني، وڪالت ۾ سيد غوث علي شاهه جو جونيئر به رهيو ۽ اُن جي نگران وزارت اعليٰ دؤران سندس روينيو بابت صلاحڪار پڻ هو. علم ادب سان چاهه سبب هڪ ناول ”ٿر اندر جا ٿاڪ“ لکيائين، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي نامور اسڪالر الهداد ٻوهيي جو لکيل آهي. جيلاني صاحب 10 سالن تائين ڊسٽرڪٽ بار خيرپور جو صدر پڻ رهيو ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ميمبر هئڻ سان گڏ هُو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کان پوءِ سچل چيئر جو چئن سالن تائين صلاحڪار به رهيو. ان کان علاوه ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ٻه ڀيرا ميمبر ۽ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميشن خيرپور جو چيئرمين پڻ رهيو. بچل شاهه جيلاني هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ ۽ ”لا ائنڊ هيومن رائيٽس ڪميشن“ جو چيئرمين آهي.


لفظ بچل شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.17  عيسوي

بچل شاهه جيلاني: گمبٽ ويجهو سچل ڊٻ مهر شاهه جو گادي نشين ۽ پ . پ ايم . پي . اي ، 17 ڊسمبر 1952ع تي سيد صالح محمد شاهه جيلانيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفر خواجو
فاضل راهو
عبدالجبار وڪيل
جاويد جبار
قاضي علي رضا
حڪيم فضل محمد
بچل شاهه جيلاني
بهرام
خالد ڀٽي
اعتزاز احسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون